پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيب چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ نه رڳو غير قانوني آهي پر اها بدنيتي به آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پينڊورا پيپرز کانپوءِ خاص طور حڪومت پاڻ کي احتساب کان بچائڻ چاهي ٿي، سليڪٽيڊ حڪومت وزيراعظم ۽ ان جي ساٿين کي احتساب کان ڇوٽ ڏيندي اپوزيشن کي نشانو بڻائڻ جو عمل جاري رکڻ چاهي ٿي، نيب چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ نه رڳو غير قانوني آهي پر اها بدنيتي به آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close