
لاڙڪاڻو پوليس ڪارروائي ڪندي 3 اشتهاري ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي. ان سلسلي ۾ نئون ديرو پوليس مقتول نثار ڪورائي جي قتل ڪيس جي جوابدار مهر علي ڪورائي کي گرفتار ڪري ورتو. رتو ديرو پوليس مختلف ڪيسن ۾ اشتهاري جوابدار شير محمد سناني کي گرفتار ڪيو. ٻي طرف دڙي ٿاڻي جي پوليس جوابدار جهانگير جتوئي کي 48 هيروئن جي پڙين سميت گرفتار ڪري ورتو.