سنڌ جي بزرگ، شاعرن جي سرتاج ۽ شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي تڙ ڏاڏي حضرت شاھه عبدالڪريم بلڙي واري جو 411 ھون عرس مبارڪ شروع ٿي ويو. ميلي جو افتتاح اوقاف کاتي سنڌ جي سيڪريٽري جاويد صعبت الله مھر ۽ چيف ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد عبدالغني مھر ڊي ايس پي مجاھد شاهھ سان گڏ درگاهھ تي چادر چاڙي ڪيو. درگاهھ احاطي ۾ تنڀورن تي صوفياڻي راڳ رنگ جون محفلون شروع ٿي ويون آھن. احاطي ۾ باھه جي مچ تي سما واريون تقريبون ٿينديون. جنھن ۾ درگاھه جو گادي نشين پير شاھد حسين ڪاظمي پوري سنڌ ملڪ لا دعائو گھرندو. ھوڏانھن وڏي تعداد ۾ بلڙي شاھه ڪريم جي ننگري ۾ مريد پهچي ويا آهن. ڊي سي ٽنڊو محمد خان پاران سڄي ضلعي ۾ ھڪ ڏينھن عام موڪل جو اعلان ڪيو. ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان جي ھدايتن تي درگاھه اندر ۽ ٻاهر سي سي ٽي وي ڪيميرائون نصب ڪري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آھن. ڊي ايس پي مجاھد شاهھ ميڊيا کي ٻڌايو ته 200 کان وڌيڪ ميل ۽ فيميل اھلڪار ڊيوٽي ڪن پيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close