سنڌ

عمران خان جي ملڪ ٽوڙڻ واري بيان خلاف پ پ جون “پاڪستان کپي” ريليون

عمران خان جي ملڪ ٽُوڙڻ واري ڏنل بيان خلاف پ پ پاران سڄي سنڌ ۾ “پاڪستان کپي” ريليون ڪڍيون ويون. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ وڏي وزير جي صوبائي صلاحڪار صغير احمد قريشي ۽ پ پ جي سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي جي اڳواڻي ۾ ضلعي ڪائونسل هال کان زبردست پاڪستان کپي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ عمران خان خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي صغير احمد قريشي چيو ته عمران خان ملڪ ٽوڙڻ وارا بيان ڏئي پنهنجي آقائن کي خوش ڪري رهيو آهي، اقتدار وڃڻ بعد نيازي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي ٿو پر پ پ جا جيالا سندس سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا. سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي چيو ته عمران نيازي اسرائيلي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، ان ڪري هن ملڪ ٽوڙڻ جو بيان ڏئي ملڪ ۽ قوم سان غداري ڪئي، هي منظم مهم هلائي اسان جي طاقتور ۽ مضبوط اداري کي نيوٽرل هجڻ جا طعنا ڏئي رهيو آهي، عمران کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اهو ئي ادارو ملڪ جي سلامتي جو ضامن آهي. هن مطالبو ڪيو ته عمران جو نفسياتي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو وڃي. ڪراچي ۾ پ پ ڪارڪنن ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، پ پ ڪراچي ليڊيز ونگ جي صدر ايم اين اي ڊاڪٽر شاهده رحماني ۽ ايم پي اي شرميلا فاروقي جي اڳواڻي ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ کان ايمپريس مارڪيٽ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن عمران خان پاران ملڪ جا 3 ٽڪر ٿيڻ جي بيان تي چيو ته ملڪ جا نه پر عمران خان جي سياست جا ٽڪر ٿيندا، ذاتي مقصد پورا نه ٿيڻ تي عمران نيازي ملڪي سالميت تي حملا ڪري رهيو آهي. مٺي ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ضلعي صدر انجنيئر گيانچند، ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، ڪنور ڪرني سنگهھ، سريندر ولاسائي، ڪامريڊ نندلال مالهي، سشيل ملاڻي ۽ دادن هنگورجو جي اڳواڻي ۾ پاڪستان کپي احتجاجي ريلي ڪڍي صادق فقير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. نوشهروفيروز ۾ ايم پي اي ممتاز چانڊيو، ضلعي صدر فيروز جمالي، ڊاڪٽر فاطمه انصاري، غضنفر راڄپر، اشفاق تڳر، وحيد عباسي، پير خالد سيف الله، ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ، معروف پيرزادو، عبيد ميمڻ، خان اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ پ پ سٽي طرفان پارٽي سيڪريٽريٽ ڪينيڊي مارڪيٽ کان ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن تان گشت ڪندي پريس ڪلب اڳيان پهتي. ان موقعي تي سٽي صدر خير محمد شيخ، جنرل سيڪريٽري انور علي لهر، وائيس چيئرمين اميدوار شاهه رخ سيال، چيئرمين جي اميدوار منير احمد سومرو، ڊاڪٽر ڌرم پال، محمد امين شيخ، ظهير احمد ناريجو ۽ ٻين خطاب ڪيو. قمبر ۾ پ پ جي جيالن ضلعي صدر قمرالدين گوپانگ، محمد پنھل سومرو، ڊاڪٽر نياز حسين چانڊيو، شاهھ غازي خان مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي. ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري الطاف احمد کوسو، صادق حسين گولاٽو، سينيٽٔر گل محمد جکراڻي، غلام رسول ميراڻي، ڊاڪٽر ميھر چند، حيدر علي ڏاھاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جيالن گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائٔين پاڪستان کپي ريلي ڪڍي عمران نيازي خلاف زوردار نعريبازي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button