سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

جمهوريت پسند ڪانوو ووٽنگ ڪرڻ بعد سفر تي نڪرندا آهن

سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي تھ ڪانوون جو هڪ قسم جيڪڊاز گڏجي ڪا جڳهه ڇڏڻ کان اڳ جمهوري طريقي سان ووٽنگ ڪندي آهي. سياري جي موسم ۾ صبح ساڻ هزارين جيڪڊاز گڏجي آسمان تائين اڏار ڪندا آهن، جيڪي هڪ قسم جي ڦرندڙ ڪاري چادر جيان بڻجي ويندا آهن. سائنسدانن هاڻ اها مام پروڙي آهي تھ اهي ڪانوو اڏامڻ کان اڳ هڪ قسم جو لڙ (شور) برپا ڪري ڄاڻ ڏيندا آهن تھ اهي ڪيڏي مهل اڏامڻ چاهين ٿا، جڏهن انهن جو شور (لڙ) هڪ حد کي ڇهندو آهي تھ اهو اشارو هجي ٿو تھ هاڻ اهي اڏامڻ خاطر تيار آهن ۽ ان سان گڏ ئي اهي سفر تي نڪري پوندا آهن.

جڪڊاز ڪانوون جي جهنڊ ۾ اڏامڻ جو منظر

برطانيا جي لنڊن واري مشهور يونيورسٽي آف ايگزيٽر جي پروفيسر آف ڪوگنيٽيو ايوليوشن ايلڪس ٿورنٽن بي بي سي کي ٻڌايو تھ اهو پکين جي فيصلو ڪرڻ بابت نهايت ئي دلچسپ انڪشاف آهي. هن چيو تھ جڏهن جيڪڊاز ڪانوو شور برپا ڪندا آهن تھ اهي هڪ قسم جو ووٽ ڪندا آهن يا اشارو ڏيندا آهن تھ هو وڃڻ چاهين ٿا، بعد ۾ سفر جو فيصلو ٻن متفقا بنيادن تي ٿيندو آهي، پهريون لڙ (شور) جو تعداد ۽ ٻيو اهو لڙ ڪيڏو مٿاهون يا تيزي سان وڌي ٿو. جڏهن ڪانوون ۾ فيصلو ٿي ويندو آهي تھ هڪ ئي وقت هزارين ڪانوو عام طور 5 سيڪنڊن ۾ وڻن جي ٽارين تان اڏار ڪندا آهن، جيڪو ٿڌ جي موسم ۾ برطانيا وارن وٽ انتهائي حسين نظارو آهي. سائنسدان چون ٿا تھ جڏهن جڏهن لڙ جو آواز تيز ٿيندو آهي تھ هزارين ڪاونوون تي ٻڌل وڏي جهنڊ اڏار ڪندي آهي. جڏهن تھ نورفولڪ واري علائقي ۾ جيڪڊاز جي 40 هزارن تي ٻڌل هڪ جهنڊ کي اڏار ڪندي ڏٺو ويو آهي.

جيڪڊاز زمين تي لهڻ جي تياري ڪندي

پروفيسر ٿورنٽن چوي ٿو تھ جيڪڊاز جهنڊ ٺاهي هڪ ئي وقت اڏار ڪندا آهن، ڇاڪاڻ تھ اهو سندن تحفظ جو بهترين طريقو آهي ۽ اهو معلومات ونڊڻ جو پڻ بهترين نمونو آهي. هن چيو تھ جهنڊ ۾ اڏامڻ دوران جيڪڊاز ڪانوو اهو پڻ مشاهدو ڪندا آهن تھ سندن ڪهڙي فرد ڪهڙو ۽ ڪيترو کاڌو واپرايو آهي. جڏهن تھ سٺي کاڌي خاطر اهي ڪجهه قدم پوئتي ڪرڻ ۾ هٻڪ ناهن ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button