سنڌ

ٽيسٽ ۾ رهجي ويل نوجوان محنت ڪري ڪاميابي ماڻين:سردار شاهه

صوبائي وزير تعليم سنڌ سيد سردار شاهه ڊي سي لاڙڪاڻي جي آفيس ۾ اعلى سطحي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چيو آهي ته منهنجو لاڙڪاڻي اچڻ جو مقصد استادن جي کوٽ، فرنيچر جي کوٽ، اسڪول جي عمارتن جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ مان سڄو هفتو لاڙڪاڻي ۾ رهندس. هن چيو ته ايس ايم سي فنڊس جي کوٽ، ايس اين اي جي کوٽ ۽ ٻيا جيڪي به مسئلا هوندا انهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين. اعليٰ سطحي گڏجاڻي بعد صوبائي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پاليسي خلاف ڪو قدم نه کنيو آهي ۽ نه وري پنهنجا نوازي ڪئي آهي. صوبائي وزير چيو ته ٽيسٽ ۾ جيڪي نوجوان رهجي ويا آهن اهي وڌيڪ محنت ڪن ته جيئن اڳتي هلي ڪامياب ٿين. هن وقت اسين پاليسي ٺاهي رهيا آهيون ته جيئن ميرٽ جي بنياد تي بيروزگارن کي روزگار ڏئي سگھون. مونکي شڪايتون مليون آهن ۽ اسان ڪوشش ڪنداسين ته ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ڪتابن جي صحيح ڇپائي ٿئي ۽ ڊي اي او صاحبان کان اهو پڇاڻو ڪنداسين ته ڪيترا ڪتاب اوهان کي مليا آهن ۽ انهن مان ڪيترا ورهايا ويا آهن، ان بابت تفصيل ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button