
خانپورمهر ويجهو ڳوٺ رحمت خان گبول جو رهواسي رڪشو هلائيندڙ نوجوان آزاد گبول عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو. ان سلسلي ۾ وارثن ٻڌايو ته نوجوان ٽن ڏينهن کان ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ قيد آهي، ڌاڙيلن نوجوان جي بازيابي لاءِ فون ڪري 20 لک روپيه ڀنگ طلب ڪيو آهي، جڏهن ته رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. هنن ٻڌايو ته اسين مسڪين آهيون. 20 لک ڇا 20 هزار به ڏيڻ جي طاقت ناهي، پوليس نوجوان کي بازياب ڪرائي.