سنڌ

ڳڙهي خيرو ويجهو فائرنگ ۾ عورت سميت 2 ڄڻا قتل

ڳڙهي خيرو تعلقي جي پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلبهار بنگلاڻي ۾ چوري جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڌرين جي هڪٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب عورت سميت 2 ڄڻا قتل ٿي ويا. ڳوٺ گلبهار بنگلاڻي ۾ ۾ بهار خان ڏاهاڻي ۽ غلام شبير بنگلاڻي ڌرين جهيڙي بعد هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ورهين جي نوجوان عورت فائزه ڌي جان محمد بنگلاڻي ۽ غلام شبير بنگلاڻي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويا. جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ شوڪت ڏاهاڻي ۽ اڪرم ڏاهاڻي زخمي ٿي پيا، جن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي ويا. ٽن ڪلاڪن تائين هلندڙ فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، پوليس فائرنگ کان 3 ڪلو ميٽر پري بيهي تماشو ڏسندو رهي. علائقي واسين پهچي ڌرين کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيئي فائرنگ بند ڪرائي، جنهن بعد پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لا تعلقي اسپتال ڳڙهي خيرو منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتولن جي سئوٽ عرفان بنگلاڻي جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي ڳئون گم ٿي ھئي، جنهن جي ڏاهاڻي برادري مٿان چوري جو شڪ هو، چوري جي صفائي گهرڻ تي ھنن اسان جي ڳوٺ مٿان حملو ڪري عورت سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيون ۽ گوليون لڳڻ سبب اسان جون 2 رڍون به مري ويون ۽ گهرن کي به باهه ڏيئي ساڙي سامان کڻي ويا آھن. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي پنهون ڀٽي پوليس جو چوڻ هو ته ڌرين جو اڳ ۾ ڪو جهيڙو نه هو، اچانڪ اهڙو واقعو پيش آيو آھي. اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهتاسين ته حملو ڪندڙ ڌر پوليس کي ڏسي فرار ٿي وئي. ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تان واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين جهيڙي واري علائقي ۾ پوليس جو ڪڙو چڙھيل هو ۽ ڪيس پڻ داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button