سنڌ

چڪ ويجهو موبائيل ٽاور تان اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿي سگهيو

چڪ ويجهو ڳوٺ مزارجو مان اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿي سگهيو. چڪ ويجهو محمدآباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مزارجو ٻاهران موبائيل فون جي ٽاور تان اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿي سگهيو. 27 ڏينهن اڳ هٿياربند ڳوٺ مزارجو ٻاهران موبائيل ٽاور تي ستل چوڪيدار عنايت الله پٽ شهزادو سومرو کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا، 27 ڏينهن گذرڻ باوجود شڪارپور ضلعي جي پوليس نوجوان کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. نوجوان جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، جڏهن ته ما کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا آهن. ٻئي طرف ڌاڙيلن نوجوان جي پي شهزادو سومرو سان رابطو ڪري 15 لک ڀنگ طلب ڪري ورتو، ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي قتل ڪري لاش ڳوٺ ٻاهران اڇلائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. مغوي نوجوان جي پي شهزادو سومرو ڳالهائيندي چيو ته مان مسڪين ماڻهون آهيان، مشينن جي مرمت ڪري گهر جو گذر سفر ڪندو آهيان، ڌاڙيل منهنجي پٽ مٿان سخت تشدد ڪري رهيا آهن ۽ فون تي ڳالهرائڻ دوران به منهنجي پٽ مٿان تشدد ڪري رهيا هئا. هن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بازياب ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button