سنڌ

کور واهه ۾ بيواهه عورت جو زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

کور واهه ويجهو ڳوٺ طيب ٻاڪڙ جي رهواسڻ نيامت بيواهه غلام رسول ٻاڪڙ زمين تي مبينا قبضي خلاف گهرڀاتين سميت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي بيواهه نيامت ٻاڪڙ دانهيندي چيو ته اسان جي زمين جيڪا منهنجي مڙس غلام قاسم ٻاڪڙ پنهنجي حياتي ۾ ملوڪ چنا کي وڪڻي ڏني هئي، باقي رهيل 2 ايڪڙ زمين تي ملوڪ چنا قبضو ڪري ورتو آھي ۽ مون کي نٿو ڏي. هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي. ٻئي طرف ملوڪ چنا ٻڌايو ته کور واهه جي ديهه ۾ قاسم ٻاڪڙ جي ٽوٽل زمين 24 ايڪڙ هئي، جنهن مان 22 ايڪڙ قاسم پنهنجي حياتي ۾ مون کي وڪرو ڪري ڏني هئي، جڏھن ته رهيل 2 ايڪڙ زمين مائي نيامت، سندس ڌيئرن ۽ پٽن مون کي وڪري ڪري لکت ۾ ڏني آهي، جنهن جو کاتو مون وٽ موجود آھي. مون تي لڳايل الزامن ۾ ڪا صداقت ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button