لاڙڪاڻي ويجهو دودائي باءِ پاس واري علائقي جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي بااثر مائٽن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت ظفرالله مگسي پيرسن ما زبيده، ڀينرن رشيده، فريده، شبيران مگسي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته 6 سال اڳ اسان پنهنجي ڀيڻ فريده جي شادي نورل مگسي سان ڪرائي ۽ ان جي ڀيڻ نوابان خاتون جي شادي مون سان ٿي هئي. هن الزام لڳايو ته شادي بعد ڀيڻويو نورل مگسي ڀيڻ مٿان تشدد ڪري گهر جو خرچ نه ڏيندو هو، جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ ڀيڻ مٿان ڪارنهن جو الزام لڳائي کيس قتل جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڀيڻ مڙس جو گهر ڇڏي اسان وٽ آئي. ان تي نورل مگسي مائٽن ميوو، سونو ۽ علي دوست مگسي سان گڏجي گهر ۾ گهڙي گهرواري نوابان خاتون ۽ چئن ورهين جي پٽ عمران کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو جن جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. اهڙي دانهن ماهوٽا ٿاڻي تي ڏني پر پوليس مدد نه ڪئي جنهن ڪري ڀيڻويي نورل مگسي پنهنجي ڀائيٽي رابعه جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس مون سميت ڀيڻويي واجد مٿان داخل ڪرايو جنهن تي تعلقه پوليس چڙهائي ڪري منهنجي ڀيڻويي واجد کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته اغوا ٿيل گهرواري ۽ پٽ کي بازياب ڪرائڻ سان گڏ گرفتار ڀيڻويي کي آزاد ڪرائي بااثرن مائٽن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close