سنڌ

جاتي ويجهو پسند جي پرڻي تان 2 عورتون ۽ 4 ٻار اغوا، وارثن جو احتجاج

جاتي جي ڳوٺ عارف عباسي جي رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد يعقوب، يونس عباسي، احمد عباسي، محمد عرس، يوسف عباسي، عبدالحڪيم، حسين بخش، اعجاز ۽ عورتن مسمات خطو، جنت، بيگم، بچل ۽ معصوم ٻارن چيو ته 20 ڏينهن اڳ اسان جو ڇوڪرو اوٺا ڌر جي ڇوڪري سان مائٽن جي رضا خوشي سان ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان اوٺا ڌر جي بااثرن اسان جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته اوٺا ڌر جي بااثرن ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجا هٿياربند موڪليا هئا، جيڪي اسان جي گهرن ۾ گهڙي آيا ۽ فائرنگ ڪري اسان جا سونا زيور ۽ مال ڪاهي وڃڻ سميت اسان جون 2 عورتون ۽ 4 ٻار اغوا ڪري کڻي ويا آھن. هنن چيو ته اسان اهڙي دانهن جاتي ۽ سجاول ٿاڻي تي پڻ ڏني پر ڪير به اسان سان ٿيل ظلم جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته بااثرن اسان جا روڊ رستا بند ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آهي، اسان سان ٿيل ظلم جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button