سنڌ

دوداپور ويجهو سالار شاخ ۾ پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

دوداپور ويجھو سالار شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پھچڻ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو.سالار شاخ جي پچڙي ۾ پاڻي نه پھچي سگھيو. جي يو آئي ۽ آبادگارن حافظ نظير احمد بروھي، مولانا ڪريم بخش پندراڻي، وڏيرو اسرار احمد کوسو، مختيار احمد کوسو، محڪم الدين بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دوداپور وڏا بوسڻ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. هنن دانهيندي چيو ته سالار شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پھچي سگھيو آھي، جانورن جي پيئڻ لا به پاڻي ناهي ۽ مڇي جا فارم سڪڻ لڳا آهن، پاڻي نه ھئڻ سبب سالار شاخ جي پچڙي سان گڏ مٿاھين علائقن ۾ به سارين جو ٻيجارو اڃان تائين نه پوکجي سگھيو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته سالار شاخ جي پاڻي کي وڌائي آبادگارن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ته جيئن وقت سر ٻيجارو پوکي سگھجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button