قمبر ۾ جيئي سنڌ محاذ ضلعو قمبر شهدادڪوٽ پاران سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف بروھي محلي کان ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن نور سولنگي، نجم خاصخيلي، قمر سنڌي، صالح لاشاري، ڪامريڊ اياز ٻرڙو،عابد چانڊيو، لال سنڌي، يونس لاشاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري سنڌ جي زمين کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سارين جي ٻيجارو پوکڻ کي ڏيڍ مهينو گذري چڪو آهي پر سنڌ ۾ هاري سارين جو ٻيجارو پوکي نه سگهيا آهن. هنن چيو ته واهن ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري پيئڻ جو جر کارو ٿي ويو آهي، پکي ۽ جانورن لاءِ پيئڻ جو پاڻي ميسر نه آهي. ٻئي طرف هٿرادو مهانگائي سبب عام استعمال جون شيون ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر نڪري ويون آهن، غريب ۽ مزدور طبقو مهانگائي سبب انتهائي سخت پريشان آهي. هنن اختيارين کان گهر ڪئي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close