
پنوعاقل ۾ پٽ پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو. خبر موجب پنوعاقل ۾ جوابدار پٽ پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو. پوليس جو چوڻ آھي تھ جوابدار عبدالرحمان پسند جي شادي نه ڪرائڻ تي پنهنجي پيءُ شهزادي کي قتل ڪري لاش دفنائي ڇڏيو. جوابدار جي اعترافي بيان جو وڊيو بھ جاري ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ھو چئي رھيو آھي تھ مان بابا کي پنجابي ڇوڪري سان شادي ڪرائڻ جو چيو، ھن انڪار ڪيو، مون کي حسابي چڪر ٿيندو آھي. جوابدار چيو تھ گھر ۾ موجود ڇري جا وار ڪري پنھنجي والد کي قتل ڪيو آھي، اعتراف ڪيان ٿو.