ڪشمور پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ماڻهن ڊسٽرڪٽ عوامي پريس ڪلب اڳيان ولي محمد ملڪ، منظور احمد ملڪ ۽ ٻين جا اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته ڪشمور پوليس روز چوري جي وارداتن تي قابو ڪرڻ بدران نااهلي لڪائڻ لاءِ اسان جي نينگر جاويد ملڪ جيڪو درزي جي دڪان تي ڪم ڪندو آهي، ان کي ڪشمور پوليس کنڀي کڻي وئي آهي، اسان ڪشمور ٿاڻي تي نينگر جي گرفتاري بابت پڇا ڪئي، پوليس چيو هو ته اسان کي خبر ناهي. رات دير سان ڪشمور پوليس ھاف فرائي ڪري هن مٿان ناحق الزام هنيو آهي ته هي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هو پر اهڙي ڪا ڳالهه ناهي نه ئي هن جو ڪو ڪرمنل رڪارڊ آهي،.هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي جاچ ڪري اسان جي نينگر کي بنا جواز گرفتار ڪري ھاف فرائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏنو وڃي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪشمور چيو ته رات ڏوهه جي ارادي سان بيٺل نينگر کي اسان زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي، جنهن جو ڪشمور ٿاڻي تي ڪيس به داخل ٿيل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close