سنڌ

سنڌ ۾ بازارون رات 9 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ بازارون، دڪان، مارڪيٽ ۽ شاپنگ مال رات 9 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، بجلي جي بچت لاءِ سنڌ حڪومت وفاق جي سهڪار سان وڏو فيصلو ڪيو آهي، نئين پابندين بابت گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سموريون بازارون ۽ شاپنگ مال رات 9 وڳي بند ٿيندا، سمورا شادي هال ۽ شادي جون تقريبون، ريسٽورنٽ ۽ ڪافي شاپس کي رات 11 وڳي تائين بند ڪرڻو پوندو، ان کان سواءِ 9 وڳي کان پوءِ صرف پيٽرول پمپ، ميڊيڪل اسٽور، بيڪري ۽ ڊيري شاپس کي کولي رکڻ جي اجازت هوندي. سنڌ جي گهروکاتي پاران هي پابنديون هڪ مهيني لاءِ لڳل رهنديون ۽ ان حوالي سان سمورن ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايس ايس پيز کي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته حڪومت نٿي چاهي ته ڪو پريشاني کي منهن ڏي، هي فيصلو خوشي سان ناهي ڪيو پر ڪو ٻيو حل نه آهي. هن چيو ته ڪاروبار ضروري آهي پر لوڊشيڊنگ تي ڪنترول ڪرڻ به ضروري آهي. هن واضح ڪيو ته بازار جلد بند ڪرڻ جو فيصلو عارضي آهي ۽ حالتون بهتر ٿيڻ تي هي پابنديون ختم ڪيون وينديون. شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ کي درخواست ڪئي آهي ته لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ ڪئي وڃي، اليڪٽرونڪس مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي صدر رضوان عرفان ان ڏس ۾ٻڌايو ته بازار بند ڪرڻ جي حوالي سان ڪمشنر آفيس ۾ اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب به موجود هو، اجلاس ۾ واپارين کان بازار جلد بند ڪرڻ جي حوالي سان راءِ ورتي وئي هئي. هن چيو ته واپارين چيو هو ته جيڪڏهن لوڊشيڊنگ نه ٿيندي ته مارڪيٽ رات 9 ڳي بند ڪيا ويندا. هن چيو ته حڪومت بازار ته بند ڪرڻ ڇاهي ٿي پر ڪوئي متبادل نٿي ڏي. واپاري اڳوڻ زبير موتي والا ان ڏس ۾ٻڌايو ته بازار جلد بند ڪرڻ جو فيصلو درست آهي. هن فيصلي سان ننڍن واپارين جو ڪو نقصان نه ٿيندو. هن چيو ته ملڪ اقتصادي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ عام ماڻهن جي سمجهه ۾ اها ڳالهه نه پئي اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button