سنڌ

سنڌ اسيمبلي م بجيٽ اجلاس تي بحث،تحريڪ انصاف جو احتجاج

سنڌ سرڪار جي سال 23/2022 جي بجيٽ تي بحث شروع، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، دعا کانپوءِ ايوان کي مخاطب ٿيندي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪو واقعو پيش آيو اهو افسوسناڪ آهي، مان روڪيندي رهيس ته ايوان ۾ موبائل استعمال نه ڪئي وڃي، هاڻي موبائل استعمال ٿي ته موبائل ڦري ويندي، هن چيو ته عورتن جي عزت آهي، ايوان ۾ جيڪو ٿيو ان معاملي جي سيڪريٽري کان رپورٽ گهري آهي،جاچ ۾ جنهن تي ذميواري آئي ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته دعا ڀٽو جي موبائل فون ايوان جي هائوس آفيسر کي ملي جيڪا دعا ڀٽو کي واپس ڪئي وئي آهي.پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ خرم شيرزمان ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته دعا ڀٽو سان هاٿاپائي ڪئي وئي، اهو سڀ ڪجهه نامناسب آهي، جيڪو ٿيو ان تي معافي ورتي وڃي. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چيو ته ايوان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي مذمت ڪجي ٿي، اهو طئي ٿيو هوته قيادت جا نالا کڻي تنقيد نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پي ٽي آ ميمبرن اسان جي قيادت جا نالا کنيا، هو چاهين ٿا ته ايوان جو ماحول خراب ٿئي، قيادت خلاف ڪير به نه ٻڌندو، ارسلان تاج ڪلثوم چانڊيو کي هٿ لڳايو. اها شرم جهڙي ڳالهه آهي، امداد چانڊيو ۽ ٻين دفاع ۾ هٿ روڪيا، جاچ ڪرائي وڃي جيڪو ذميوار نڪري اهومعذرت ڪري، ان دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبر پاڻ ۾ اٽڪي پيا ۽ ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو، گوڙ جا پي ٽي آءِ ميمبر راجا اظهار فوٽيج ٺاهيا ته صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا اعتراض واريندي چيو ته پي ٽي آءِ وارا وري اسپيڪر جي تازي رولنگ جي ڀڃڪڙي ڪندي فوٽيج ٺاهين پيا، انهن خلاف ڪارروائي ڪري موبائيل فون ضبط ڪيو وڃي، مڪيش ڪمار اسپيڪر کان مطالبو ڪيو ته ڪلثوم چانڊيو جو موبائيل فون به چوري ٿيو آهي، ان جي به جاچ ڪرائي وڃي، ان بعد ڊپٽي اسپيڪر جي هدايت تي راجا اظهر موبائيل فون رکي ڇڏيو، جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن کي سيٽن تي ويهڻ جي هدايت ڪندي پ پ جي سهراب سرڪي کي بجيٽ تي بحث جي هدايت ڪئي، جنهن بعد سهراب سرڪي بحث جي شروعات ڪندي چيو ته پ پ سرڪار ٽيڪس فري عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي آهي، هن چيو ته تعليم، روڊن، ٿاڻن سميت ٻين اسڪيمن تي تڪڙو ڪم ڪري انهن کي اڪلايو وڃي. متحده جي وسيم قريشي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته سنڌ جي بجيٽ انگ اکرن ۽ بيوروڪريسي جي بجيٽ آهي، سنڌ سرڪار پاڻي ورهاست تي وفاق آڏو ته آواز اٿاري ٿي پر پاڻ ڪراچي ۾ پاڻي ورڇ تي ظلم ڪري رهي آهي، 25 ارب رپين واروڪي فور منصوبو 125 ارب تي پهتو پر عمل نه ٿيو آهي، پي ٽي آءِ جو بلال غفار بحث لاءِ اٿيو ته ايوان ۾ هڪ ٻن وزيرن کانسواءِ ڪو به نه هو، جنهن تي هن اعتراض واريندي چيو ته ايوان ۾ وڏي وزير سميت وزير نه آهن، ڪنهن آڏو آواز اٿاريان، مخالف ڌر وارا ٻاهروڃن ته ڪورم به پورو نه هوندو، ان تي فوري طور تي پ پ جا ميمبر ۽ وزير واپس ايوان ۾ پهچي ويا، جنهن بعد ٻيهر ايوان ۾ ماحول گرم ٿي ويو. پ پ ميمبر غزالا سيال بحث ڪندي چيو ته سنڌ جي 17 سئو ارب جي ٽيڪس فري بجيٽ آهي، جنهن ۾ ترقي، ۽ تعليم ترجيح آهي، ان سان گڏ پگهارون وڌايو ويون آهن.پ پ جي ماروي راشدي بحث ڪندي چيو ته بجيٽ ۾ رليف ڏيندي ڪو به ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي، مهانگائي پي ٽي آئي جي حڪومت سبب ٿي. متحده جي ناصر قريشي چيو ته سنڌ حڪومت بجيٽ جون گهڻيون تعريفون ڪيون پر حيدرآباد سندن ترجيح ناهي، اسپتالن سميت هر سيڪٽر جي حالت خراب آهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي هر حڪومت کي ضرورت آهي. پ پ جي فرخ شاهه چيو ته اڳوڻي وفاقي حڪومت سنڌ کي نظر انداز ڪيو، نيشنل هائي وي جي سنڌ ۾ خراب حالت آهي، وڏي وزير کي گذارش ڪيان ٿو وزيرا اعظم شهباز شريف کي گذارش ڪئي وڃي ته اهو روڊ مڪمل ڪيو وڃي. ان بعد ڊپٽي اسپيڪر اجلاس سومر ڏينهن يارهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button