پاڪستان

آڪٽوبر تائين گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل مڪمل ٿي ويندو: حنا رباني کر

برلن: مملڪتي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته اڄ سمورن پاڪستانين لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، قوم کي واڌايون پيش ڪريون ٿا، فيٽف پاڪستان کي سمورن نڪتن تي ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ فيٽف پروسيجر تحت پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، اميد آهي ته آڪٽوبر تائين گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل مڪمل ٿي ويندو. فيٽف جي اجلاس جي سلسلي ۾ جرمني جي شهر برلن ۾ موجود حنا رباني کر چيو ته بين الاقوامي برادري اتفاق راءِ سان اسان جي ڪوششن کي ساراهيو آهي، اسان جي ڪاميابي 4 سالن جي مشڪل سفر جو نتيجو آهي. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان ان رفتار کي جاري رکڻ ۽ معيشت کي هٿي ڏيڻ جو عزم ورجائي ٿو. هن چيو ته هاڻي فيٽف پروسيجر مطابق هڪ ٽيڪنيڪل جائزه ٽيم پاڪستان اماڻي ويندي، اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته اها ٽيم آڪٽوبر 2022ع جي فيٽف پلينري سائيڪل کان اڳ پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ۽ اسان هنن کي خاطري ڪرائي آهي ته انهن سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. حنا رباني کر چيو ته ان سان گڏ ئي آڪٽوبر 2022ع ۾ اسان جو فيٽف گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل پڄاڻي تي پهچندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button