سنڌ جي ثقافت ۽ تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ثقافت کان ڪو وڏو هٿيار نه آهي، ان کي هٿي ڏيڻ سان اسان جو سماج واپس ايندو. جنهن جو اسين خواب ڏسون ٿا. هن اهڙو اظهار آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي انتظام هيٺ ٽئين 23 ڏينهن واري “عوامي فيسٽيول 2022ع” جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته شدت پسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ ثقافتي سرگرمين کي زور وٺائڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي تعليمي نظام ۾ رنگ ڀرڻا آهن، جلد تعليمي ادارن ۾ ميوزڪ جا ڪلاس شروع ڪيا ويندا، جنهن لاءِ 1500 ميوزڪ ٽيچرز کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته ٿيٽر فقط تفريح جو نالو ناهي، ان ۾ هڪ سنيهو هوندو آهي. ثقافت کاتو ٿيٽر کي زور وٺائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جي قيادت آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جو صدر محمد احمد شاهه ڪندو. هن چيو ته آئون سڀني ٿيٽر ڪندڙن لاءِ في ٿيٽر 50 هزار رپيا روڪ انعام جو اعلان ڪريان ٿو. تقريب کي آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه پڻ خطاب ڪيو.
سردار شاهه