سنڌ

اوٻاوڙو ويجهو ڏهر واھ کي 20 فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ

اوٻاوڙو ويجهو ڳوٺ مير خان رند ويجهو ڏهر واهه کي آر ڊي 34 وٽان اوچتو 20 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪپھه ۽ ڪمند جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، جڏهن ته ڏهر واهه کي پيل گهاري جو آبپاشي عملدارن کي بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود عملو نه پهتو، جنهن بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 6 ڪلاڪن بعد گهارو بند ڪيو. متاثر ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ڏهر واهه کي گهاري سبب اسان جو سوين ايڪڙن تي پوکيل وونئڻن ۽ ڪمند جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، جنهن ڪري لکين رپين جي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، آبپاشي انجنيئر جي مبينا ڪرپشن سبب واهن جي مرمت ناهي ٿي سگهي، جنهن سبب واهن جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته هر سال جيان هن سال به آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان افغاني پٺاڻ واهه جا ڪپر ٽوڙائي لکين رپين جي مٽي چوري ڪري وڪرو ڪئي آهي، جنهن جي ڪري گهارو پيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button