سنڌ

نوابشاهه ۾ مهانگائي خلاف ڪانٽريڪٽر ايسوسيئيشن جو احتجاج

ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن خلاف نوابشاهه ۾ ڪانٽريڪٽر ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر دوست علي رند، اصغر علي ميمڻ، محمد شاھد آرائين ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ھن وقت سڀني سرڪاري ادارن ۾ 2012 جا اگهه مقرر ٿيل آھن، جيڪا غريب ڪانٽريڪٽرن سان زيادتي ۽ ناانصافي آهي، انھن قيمتن تي ڪم ڪرڻ تي ناممڪن آھي، جيڪڏھن ڪم ڪيو وڃي ته ڪوالٽي کي برقرار رکڻ ممڪن ناھي. ھن چيو ته گذريل سالن ۾ حڪومتي ادارا ھن شيڊول کي اپگريڊ ڪرڻ ۾ غفلت کان ڪم وٺندا رھيا، گذريل سالن ۾ جيڪو مارڪيٽ ۾ اضافو ٿيو آھي ان جو مثال نٿو ملي، ھنن مطالبو ڪيو ته مھانگائي تي ضابطو آندو وڃي ٻي صورت ۾ 22 تاريخ تي پوري سنڌ اندر ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button