پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جو جمهوري حق آهي پر حڪومت پرامن احتجاج جي آڙ ۾ خوني احتجاج ٿيڻ نه ٿيندي، ايٽمي اثاثن ۽ ملڪ جا ٽي ٽڪرا ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان را ۽ اسرائيل جو ايجنٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. نثار کهڙو چيو ته دهشتگردي لاءِ رقم فراهم ڪرڻ ۾ سزا يافته حافظ سعيد جي حمايتي پي ٽي آءِ جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان جي سڀني نقطن تي عملدرآمد جي روشني ۾ پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جا امڪان واضع ٿي چڪا آهن، جڏهن ته گري لسٽ مان نڪرڻ جا امڪان واضع ٿيڻ جو ڪريڊٽ وٺندڙ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي ڪابينا جي ان وقت جي هڪ وزير به حافظ سعيد جي حمايت ڪري کيس هيرو قرار ڏنو هو، جنهن تي ايف اي ٽي ايف پنهنجي ڀرپور خدشن جو اظهار پڻ ڪيو هو. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪري ايڪشن پلان جي سڀني نقطن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ کان پوءِ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ بابت حتمي اعلان ڪندو. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي ايڪشن پلان جي روشني ۾ پاڪستان پاران تقريبن سڀني نقطن تي عمل ڪرڻ عالمي برادري جو پاڪستان تي اعتماد جو اظهار آهي. نثار کهڙو چيو ته رائو انوار مطابق جيڪڏهن رحمان ملڪ بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جو نالو شامل ڪرڻ بابت چيو هو ته رحمان ملڪ ان وقت ڪنهن سرڪاري عهدي تي يا وزير نه هو ته هو ڪيئن اهڙا حڪم جاري ڪري پرويز مشرف جو نالو شامل ڪرائڻ لاءِ زور ڀري سگهي پيو؟ هن چيو ته 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر بينظير ڀٽو جي جاءِ شهادت واري هنڌ کي فوري ڌوئي صاف ڪيو ويو ته پوءِ پرويز مشرف کي ذميداري کان آجو قرار ڏئي نٿو سگهجي، ان لاءِ بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جو نالو ڇو نه وٺون؟. هن چيو ته بيت الله محسود کي به پرويز مشرف بچائيندو رهيو ۽ ايتري حد تائين پرويز مشرف ته اسامه بن لادن جي زندهه هجڻ تي به سندس اها دعويٰ ڪئي هئي ته هو مري چڪو آهي. هن چيو ته پرويز مشرف بينظير ڀٽو قتل ڪيس، آئين سان غداري واري ڪيس سميت گهڻين ئي ڳالهين جو جوابدار آهي. نثار کهڙو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مولانا فضل الرحمان هڪ طرف عمران خان جي خلاف آهي ته ٻئي طرف پنهنجي لاڙڪاڻي جي جي يو آءِ قيادت کي پي ٽي آءِ سان اتحاد جي اجازت ڏني آهي ته پوءِ فضل الرحمان سان پنهنجي اها پاليسي واضع ڪرڻ بابت ڳالهايو ويندو. هن چيو ته عمران خان قوم کي ٻڌائي ته جڏهن پي ٽي آءِ جا سينيٽر سينيٽ ۾ اچن ٿا ته هو قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي ميمبرن کي اچڻ کان منع ڪري ووٽرن کي نمائندگي نه ٿيڻ جي سزا ڇو ڏئي رهيو آهي؟ ان مان لڳي ٿو ته عمران خان جي ٻٽي پاليسي اِها آهي ته مٺو هپ هپ ۽ ڪوڙو ٿَو ٿُو. هن چيو ته عمران خان غير جمهوري سوچ جو مالڪ آهي ۽ سندس پنهنجي سازش واري غير سنجيده بيانيي کي آءِ ايس پي آر رد ڪري چڪي آهي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت جي ڪري پاڪستان جا عالمي دنيا سان تعلقات متاثر ٿيا، بلاول ڀٽو انهن تعلقاتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن جو دورو ڪري پاڪستان جا عالمي دنيا سان تعلقات بهتر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت جي آءِ ايم ايف سان سخت معاهدن جي ڪري پاڪستان اڄ معاشي بحران ۽ مهانگائي واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، آءِ ايم ايف جي قسط جي جاري ڪرائڻ لاءِ حڪومت سندن سخت شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ مجبوري ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ بابت سخت فيصلو ورتو آهي پر ان سخت فيصلن باوجود وڌندڙ مهانگائي ۽ عوام جي نقصان جو احساس آهي، معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان جو ازالو ڪرڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 80 لک کان وڌيڪ خاندانن کي 2، 2 هزار رپيا هر مهيني وڌائي ڏنا پيا وڃن، جيڪو عمل ڪمزور تدارڪ ضرور آهي پر سڀئي جمهوري قوتون ملڪ کي بهتري جي رستي تي آڻڻ لاءِ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. هن چيو ته 21 جون تي شهيد بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه جي موقعي تي ميونسپل اسٽيڊيم لاڙڪاڻو ۾ شام جو 6 وڳي جلسو ڪيو ويندو. جنهن کي بلاول ڀٽو خطاب ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close