پاڪستان

ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، مڪمل شيئر وٺنداسين: آصف زرداري

لاهور: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو ته پاڪستان کي 110 ڊگري تبديل ڪندس، انشاءَالله ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، مڪمل شيئر وٺنداسين. رپورٽ مطابق اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان پ پ عهديدارن بلاول هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو ته پاڪستان کي 110 ڊگري تبديل ڪندس، انشاءَالله ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، مڪمل شيئر وٺنداسين. هن چيو ته هاڻ پنجاب ۾ ويهندس ۽ سڀني سان گڏجي ڪم ڪندس، اهو چوڻ ته پنجاب، گلگت بلتستان ۾ پ پ ختم ٿي وئي نسورو ڪوڙ آهي، اسان پنهنجي سياست ڪمزور ڪري پاڪستان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، انوکي لاڏلي جي چئن سالن جي پاليسين سبب اڄ مهانگائي آهي. سندس چوڻ هو ته اهي اسان جي ڪٿي ٿا ٻڌن، جڏهن ضرورت پوندي آهي تڏهن ٻڌندا آهن، پنجاب ۾ ويهڻو آهي ۽ ڪارڪنن کي عزت ڏيڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button