سنڌ

ڪنهن آمر جو ظلم منهنجي والد جي مرڪ کسي نه سگهيو: بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن آمر جي قيد ۽ ظلم منهنجي والد آصف علي زرداري کان مرڪ نه کسي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والد ۽ پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کي فادرز ڊي تي مبارڪ ڏني. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته منهنجي عقلمند، صابر ۽ بهادر والد کي فادرز ڊي مبارڪ هجي. بلاول ڀٽو چيو ته شهيد ڀٽو کان پوءِ پنهنجو مدو پورو ڪندڙ پهريون سويلين صدر آصف زرداري 1973 جو آئين بحال ڪيو. پ پ چيئرمين چيو ته منهنجي والد آصف علي زرداري بينطير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو، هن سي پيڪ جو بنياد رکيو ۽ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button