سنڌ

ڪراچي جيل ۾ قيد 20 ڀارتي مهاڻا آزاد،لاهور روانا

گذريل پنجن سالن کان ڪراچي ۾قيد 20 ڀارتي ماهيگيرن کي پاڪستان حڪومت خيرسگالي جذبي تحت آچر جي صبح ملير جيل مان آزاد ڪري لاهور روانو ڪري ڇڏيو آهي جن کي اڄ منجهند واگها بارڊر تي ڀارتي عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ نيشنل هاءِ وي تي واقع ملير ڊسٽرڪٽ جيل لانڍي جي سپرنٽيندنٽ محمد ارشد مطابق 20 ڀارتي مهاڻن کي ڪورٽ پوليس ۽ ايڌي فائونديشن جي انتظاميا جي حوالي ڪيو ويو آهي، ايڌي فائونديشن جي سربراهه فيصل ايڌي مطابق 20 مهاڻن کي لاهور جي واگها بارڊر تائين پهچائڻ جا سمورا سفري خرچ ايڌي فائونديشن ادا ڪيا آهن. ترجمان مطابق ايڌي فائونڊيشن پاران ماهيگيرن کي خاص بس ۾ لاهور روانو ڪيو ويو آهي، جيل پوليس جي ٽيم به بس ۾ ماهگيرن سان گڏ ويندي، جيڪا ٻيا انتظام ڪندي. ايڌي فائونڊيشن مطابق ماهيگيرن جي سفر جي خرچن سميت کين ٻين خرچن لاءِ رقم ۽ ڪجهه تحفا به ڏنا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button