سنڌ

ڊيرا الهيار ۾ پوليس چوڪي تي هٿياربندن جي فائرنگ، 2 اهلڪار شهيد

بلوچستان پوليس جي ٿاڻي ڊيرا الهيار جي پوليس چوڪي مندراڻي تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هيڊ ڪانسٽيبل مور خان ۽ ڪانسٽيبل بابل خان ٿڏي تي شهيد ٿي ويا. جڏهن ته هٿياربند موقعي تان فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي شهيد اهلڪارن جا مڙهه ڊيرا الهيار اسپتال پهچايا، جتي ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. شهيد اهلڪارن جي جنازي نماز پوليس لائين ڊيرا الهيار ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ پوليس جي اعلى آفيسرن ۽ اهلڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي طرف پوليس جي ٽيم هٿياربندن پويان ويل هئي، آخري اطلاعن تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي ۽ نه ئي ڪو ڪيس وغيره داخل ٿي سگهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button