سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ فوڊ اٿارٽي جا ڇاپا، کير جي دڪانن تي 50 هزار ڏنڊ

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي ٽيم چانڊڪا پل، لاهوري محله، باقراڻي روڊ، رائل روڊ سميت مختلف هنڌن تي قائم کير جي دڪانن ۽ بيڪرين تي ڇاپا هڻي ناقص ڪارڪردگي تي 50 هزار ڏنڊ لڳايو. ان موقعي تي فوڊ انسپيڪٽر محمد علي سومرو، محمد اسلم شر، رياض مري، الھبچايو مهر چيو ته ڪيمڪل کير وڪرو ٿيڻ جون شڪايتون ملڻ بعد چانڊڪا پل، رائيس ڪئنال روڊ جي لاهوري محلي، باقراڻي روڊ ،رائل روڊ تي کير جي دڪانن بيڪرين تي ڇاپا هڻي ناقص ڪارڪردگي تي 5 کير جي دڪانن تي 50 هزار ڏنڊ وجهي وارننگ ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button