سنڌ

”پٽ جا قاتل گرفتار ڪريو“ لاڙڪاڻي ۾ عورتن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ ۾ 2 مهينا اڳ گهٽي ۾ ويهڻ کان منع تان قتل ٿيل نوجوان سمير بروهي جي وارث عورتن مقتول جي تصوير کڻي سندس قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مقتول نوجوان جي ما شبانه خاتون بروهي پنهنجي پيرسن ما زرينه خاتون ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي چيو ته گهٽي ۾ گهر اڳيان ويهڻ کان منع تان 13 آگسٽ تي ليڊي پوليس اهلڪار ارجمه شاهين جسڪاڻي پنهنجي ڀائرن سان گڏجي حملو ڪري نوجوان پٽ سمير بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس دڙي ٿاڻي تي داخل ڪرايو، جنهن ۾ پوليس صرف ٻن جوابدارن عدالت ۽ نظير جسڪاڻي کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو آهي، جڏهن ته مک جوابدار ليڊي اهلڪار ۽ سندس ڀائرن کي هن وقت تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button