سنڌ

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات،ٿنڀا ۽ وڻ ڪري پيا،هڪ ڄڻو فوت

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان تيز هوا سان برسات شروع ٿي وئي. ٿنڀا ۽ وڻ ڪري پيا، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. جڏهن ته بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برسات پئي. ان ڏس ۾ سکر شهر سميت مختلف علائقن ۾ رات دير سان گجگوڙ سان تيز برسات پئي، طوفاني برسات سبب بجلي جا ٿنڀا ۽ وڻ ڪري پيا. روهڙي ۾ وڻ ڪرڻ سبب هڪ پورهيت فوت ٿي ويو. جڏهن ته ڪچن گهرن جون ڇتون اڏامي ويون. برسات سبب سکر جي مختلف علائقن پراڻو سکر، نيوتاپنڊ، مائڪرو ڪالوني، ڀوسا لائن، مينار روڊ، گوليمار، گهنٽا گهر، غريب آباد، اسٽيشن روڊ، حسيني روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو. جڏهن ته گهوٽڪي، خيرپور سميت مختلف علائقن ۾ بجلي فراهم ڪندڙ سيپڪو جا درجنين فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنهن ڪري بجلي فراهمي بند ٿي وئي آهي. موسمياتي کاتي موجب سکر سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. هوڏانهن روهڙي جي ڪٽپر پاڙي ۾ 40 سالن جو رڪشا ڊرائيورقمرالدين ڪٽپر وڏو وڻ ڪرڻ سبب چيڀاٽجي ويو، جنهن کي سول اسپتال سکر نيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button