سنڌ

خيرپور ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ پي ۽ پٽ چيڀاٽجي فوت

خيرپور (رپورٽ: محمد راشد سمنگ) خيرپور ڀرسان ڪرم آباد قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر سبب موٽرسائيڪل سوار پيءُ ۽ پٽ چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. خبر موجب خيرپور ڀرسان قومي شاهراهه ڪرم آباد وٽ تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنھن سبب موٽرسائيڪل سوار پيءُ جيئند اوڏ ۽ سندس پٽ مڪيش اوڏ ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ھڪ نينگري شيوا زخمي ٿي پئي. اطلاع تي ٻٻرلو پوليس پهچي لاش ۽ زخمي نينگري کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته نينگري جو علاج جاري ھو، جنھن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، حادثي دوران ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو، پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button