سنڌ

بلاول ڀٽو اڄ لاڙڪاڻي ۾ ايئرڪنڊيشن لگزري بس سروس جو افتتاح ڪندو

چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو اڄ 21 جون تي لاڙڪاڻي ۾ ايئرڪنڊيشن لگزري بس سروس جو افتتاح ڪندو. افتتاح کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر بسن ۾ ويهي سفر ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته افتتاح بعد 6 نيون بسون شهر جي اولڊ بس اسٽينڊ کان شيخ زيد موڙ، چانڊڪا اسپتال، هاءِ ڪورٽ روڊ، ايس ايس پي چوڪ ۽ ايئرپورٽ روڊ قائد عوام يونيورسٽي ڪئمپس جي روٽ تي هلايون وينديون جن جو مناسب ڪرايو عوام کان ورتو ويندو. هنن چيو ته هي بس سروس شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي شهرين لاءِ سنڌ حڪومت طرفان هڪ تحفو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button