سنڌ

خانپور جي ڪچي ۾ چوپايو مال ڦرڻ تان جهيڙو، فائرنگ ۾ 3 ڄڻا قتل

خانپور جي ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي ۽ جعفري برادري ۾ چوپائي جي ڦر تان جهيڙو ٿي پيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پي ۽ پٽ سميت 3 ڄڻا ٿڏي تي قتل ٿي ويا. خبر موجب خانپور جي ڪچي واري علائقي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سنھڙو جتوئي ۾ مال ڦرڻ جي معاملي تان جتوئي ۽ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جعفري ڌر جا پي ۽ پٽ حبيب جعفري ۽ سندس پٽ منصور جعفري قتل ٿي ويا، جڏھن جتوئي ڌر جو ڪرم علي پٽ امام الدين ڪرسي جتوئي قتل ٿي ويو. فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏھڪا پکڙيل رھيو. ان سلسلي ۾ ناپر ڪوٽ پوليس جو چوڻ آهي ته ڌريون سرڪاري زمين تي قابض آھن ۽ جھيڙو مال ڦرڻ تان ٿيو آهي، ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سنهڙو جتوئي ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ حبيب جعفري سندس پٽ منصور ۽ ڪرم علي جتوئي مارجي ويا آهن. اطلاع بعد ناپرڪوٽ پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لا خانپور اسپتال منتقل ڪيا. ايس ايڇ او ناپرڪوٽ عبدالشڪور لاکو جو چوڻ هو ته ٻئي ڌريون ڪچي ۾ سرڪاري زمين تي قابض آهن، چوپايو مال ڪاهڻ جي معاملي تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. مارجي ويل حبيب جعفري پوليس کي گهربل هو، جنهن مٿان ڪيترائي ڪيس داخل آهن. حبيب ۽ منصور جعفري جي وارثن جو چوڻ آهي ته جتوئي برادري جي هٿياربندن چوپايو مال ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مقتول ڪرم علي جتوئي جي ما ٻڌايو ته سندس پٽ مال چاري رهيو هو ته جعفري برادري جي ماڻهن گوليون هڻي کيس قتل ڪيو آهي. قتل ٿيل ٽنهي ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي ۽ ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button