سنڌ

ايل ڊي اي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن رهيل پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ملازمن عرفان شيخ، اسرار قريشي، سلطان منگي، طارق رسول، نظير چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 18 مهينن کان پگهارون جاري نه پيون ڪيون وڃن، جنهن ڪري گهرڀاتين سميت بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهيون، گذريل ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي لاڙڪاڻي آمد جي موقعي تي سندس اڳيان احتجاج، دانهون ڪرڻ سميت بار بار جميل احمد سومرو آڏو شڪايتون ڪيون پر افسوس جو اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ ڪو تيار ئي نه آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button