سنڌ

قمبر ۾ يوٿ فورم اڳواڻ جي گمشدگي خلاف احتجاج

قمبر يوٿ فورم اڳواڻ مهتاب شيخ جي جبري گمشدگي خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن سراج چانڊيو ۽ پيارل پنهور، ڪامريڊ اياز ٻرڙو، صدام گوپانگ، محمد جان بروهي، نجم خاصخيلي، محمد ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته مهتاب شيخ پرامن سماجي ڪارڪن آهي جيڪو ڪيترن سالن کان شهر جي مسئلن تي آواز اٿاريندو رهيو آهي. مهتاب شيخ جي جبري گمشدگي ۽ هفتو گذرڻ باوجود ڪا خبر نه ملڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هٿ وٺي شهر جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن اختيارين کان مهتاب جي آزادي جي گهر ڪندي چيو ته جلد مهتاب شيخ کي آزاد ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button