پاڪستانسنڌ

جهڏي شهر جو 15 ڏينهن کان پاڻي بند، رهواسي پريشان

جهڏو: جهڏو ۾ پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي نااهلي سبب 15 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي، پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب شهر جي اڪثر علائقن حاجي عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني، عابد ڪالوني، کوسا پاڙي، علي ڪو هائوسنگ سوسائٽي ۽ مراد شاهھ درگاهه پاڙي سميت ڪيترن ئي علائقن جا رهواسي سخت گرمي ۾ پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، علائقي واسين ممتاز کوسو، محمد اشرف، غلام محي الدين، رميش ڪمار ۽ ٻين ٻڌايو ته پبلڪ هيلٿ انتظاميا اسان جي علائقن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، مسلسل 15 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي، جنهن سبب پريشان آهيون، واٽر سپلائي انتظاميا اسان جو پاڻي ٽينڪر مافيیا سان گڏ وڪرو ڪري رهي آهي. ٽينڪر مافيا في ٽينڪر اڍائي هزار ۾ وڪرو ڪري ظلم ڪري پئي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي ڪرپٽ عملدارن خلاف قدم کنيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button