سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پوليس کاتي کي ھدايت ڪئي آھي تھ 26 جون 2022ع تي چئن ڊويزنن جي 14 ضلعن ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن دوران امن امان برقرار رکڻ لا زيرو ٽالرنس جو مظاهرو ڪيو وڃي. ھن گھرو کاتي کي مڪاني چونڊن دوران ھٿيارن جي ڏيکاءَ خلاف قلم 144 لاڳو ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ۽ پوليس کي پڻ چيو تھ ھنگامي صورتحال ۾ ڪوئيڪ ري-ايڪشن فورس (ڪيو آر ايف) مقرر ڪئي وڃي. ھن اھي ھدايتون اڄ وزيراعليٰ ھائوس ۾ امن امان واري صورتحال ۽ مڪاني چونڊن جي انتظامن بابت جائزو وٺڻ لاءِ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، گھرو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو ۽ لاڳاپيل ڊي آءِ جيز شرڪت ڪئي. جڏھن تھ شھيد بينظيرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ميرپورخاص ڊويزنن جي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو تھ ڊويزنل انتظاميا ۽ پوليس اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ سياسي تنظيمن ۽ گروپن سان گڏجاڻيون ڪن ۽ چونڊ ضابطن بابت اعتماد ۾ ورتو وڃي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ سمورن 14 ضلعن ۾ 8724 پولنگ اسٽيشنون آھن، جن ۾ 1985 کي انتھائي حساس، 3448 کي حساس ۽ 3291 کي نارمل قرار ڏنو ويو آھي. ان تي وڏي وزير لاڳاپيل ڪمشنرن ۽ پوليس کي ھدايت کي تھ اھي اميدوارن ۽ سندن پارٽي قيادت سان ڳالھيون ڪن تھ جيئن اھي سندن حامين / ڪارڪنن کي ڪنٽرول ۾ رکن. ھن چيو تھ جيڪڏھن اميدوار تحمل جو مظاھرو ڪندا ۽ صورتحال کي سمجھندا تھ انتھائي حساس پولنگ اسٽيشنز جو انگ گھٽ ٿي ويندو.آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ وڏي وزير کي ٻڌايو تھ پولنگ اسٽيشنز تي حساسيت کي ڏسندي 26545 پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويندا. ھن وڌيڪ چيو تھ 1985 انتھائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي 9925 پوليس اھلڪار، 3448 حساس پولنگ اسٽيشنن تي 10344 ۽ 3291 نارمل پولنگ اسٽيشنن تي 6276 اھلڪار ڊيوٽي سرانجام ڏيندا. وڏي وزير جي ھدايت تي ڪوئيڪ ري-ايڪشن فورس (ڪيو آر ايف) جي 10644 اھلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو، اھڙي ريت گڏيل طور تي مقرر ڪيل اھلڪارن جو انگ 37189 ٿي ويندو. آءِ جي پوليس وڏي وزير کي ٻڌايو تھ پولنگ اسٽيشنن تي مقرر ڪيل 12012 پوليس فورس مان 300 ڪراچي، 6607 پوليس ٽريننگ سينٽرن، 305 سي ٽي ڊي، 200 ڪرائيم برانچ، 4100 حيدرآباد ۽ 500 ايس آر پي شامل آھن. آءِ جي پوليس چيو تھ اليڪشن ڊيوٽي لاءِ 4287 ليڊيز پوليس فورس جو پڻ انتظام ڪيو ويندو. وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي ھدايت ڪئي تھ ڪنھن بھ قسم جي پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ انتظامن جو جائزو ورتو وڃي. سيد مراد علي شاھھ آءِ جي پوليس کي پولنگ وارن علائقن ۾ سي سي ٽي وي لڳل گاڏين کي متحرڪ ڪرڻ ھدايت ڪئي تھ جيئن سرگرمين جي سخت نگراني ڪري سگھجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close