پاڪستان

مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري، بلوچستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال

اسلام آباد: پنجاب، خيرپختونخوا، بلوچستان ۽ ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پري مون سون برساتن جو سلسلو جاري آهي. لاهور، ملتان، خانيوال، مظفر ڳڙهه، ڊي جي خان، وهاڙي، ساهيوال، اوڪاڙه، لوڌران، مانگا منڊي، فورٽ عباس، ڪالاشاهه ڪاڪو، بوريوالا، سرا مغطل، پشاور، راولا ڪوٽ، باجوڙ، شير ڳڙهه، مردان، سوات، مري، ميرپور ۽ ٻين شهرن ۾ برسات پئي جنهن جي نتيجي ۾ گرمي گهٽجي وئي ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. جڏهن ته بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. جڏهن ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز طوفان ۽ برساتن سبب ڪيترائي فيڊر ٽرپ ڪري ويا ۽ بجلي غائب ٿي وئي آهي. هوڏانهن آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ڪاغان ماٿري ۾ برفباري به شروع ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button