پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڊالر روزانو نوان رڪارڊ قائم ڪرڻ لڳو، 211 رپين تائين پهچي ويو

ڪراچي: ملڪ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو ريٽ 211 ڏهائي 48 رپيا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 215 رپين تائين پهچي ويو. اسٽيٽ بئنڪ طرفان درآمدي ادائيگين جي رپورٽنگ وڌيڪ سخت ڪندي هڪ لک ڊالر کان وڌيڪ درآمدن جي ادائيگين لاءِ 24 ڪلاڪ اڳ مرڪزي بئنڪ کي آگاهه ڪرڻ ۽ ناڻي واري وزير طرفان آءِ ايم ايف پروگرام ۾ هڪ ٻه ڏينهن ۾ شامل ٿيڻ جي دعويٰ باوجود ناڻي جي مٽاسٽا جي مارڪيٽن ۾ اڱاري تي ٻئي ڏينهن به ڊالر جي اڏام نه بيهي سگهي پر ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو. اڱاري تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ هڪ موقعي تي 213 رپين کان به ٽپي ويو هو پر ڪاروبار دوران ڊمانڊ گهٽجڻ سان ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ واڌ رڪجي وئي. نتيجي ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو قدر وڌيڪ هڪ ڏهائي 52 رپين جي واڌ سان 211 ڏهائي 84 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي بند ٿيو. اهڙي ريت اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ به ڊالر جو قدر ٻه رپين جي واڌ سان ساڍا 215 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي بند ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button