پاڪستانسنڌ

ڦهلڏيون ۽ هنڱورنو شهرن ۾ جي ڊي اي اميدوارن جي ڪاميابي لا ريليون

سنڌڙي: سنڌڙي تعلقي جي مختلف شھرن هنڱورنو، سنڌڙي ۽ ڦلھڏيون ۾ جي ڊي اي اميدوارن ريليون ڪڍيون. ڦلھڏيون ۾ حاجي امان الله شر ۽ فقير مظفر علي شر جي ورڪ مهم جي سلسلي ۾ شر هائوس کان ف ليگ اڳواڻ مبارڪ مهر، جاويد علي جوڻيجو ۽ حاجي امان الله شر جي اڳواڻي ۾ سوين موٽر سائيڪلن، ڪارن ۽ ٽريڪٽرن تي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف ڳوٺن کان ٿيندي حاجي امان الله شر جي اوطاق تي پهتي. هنڱورنو شھر کان جي ڊي اي جي اميدوار نبي بخش عرف نبن خان شر، فدا هاليپوٽو ۽ مراد علي راڄڙ جي ورڪ لا اڳوڻي تعلقي ناظم سرفراز جوڻيجو، فقير علي خان شر، خانصاحب ظفر مڱريو ۽ غالب علي جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مراد علي راڄڙ، غالب جوڻيجو، ڊاڪٽر اسماعيل شر، محمد بخش مھر، ظفر مڱريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻي تعلقي ناظم سرفراز جوڻيجو چيو ته ترقياتي ڪم رڳو اسان جي دور ۾ ٿيا، پ پ دور ۾ رڳو ڪرپشن ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button