سنڌ

شهيد بينظير پنهنجي والد جي مشن کي جاري رکيو:مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان سڀ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69 سالگرهه ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندس شهر ۾ گڏ ٿيا آهيون، شهيد ذوالفقار ڀٽو جي شهادت بعد شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي والد جي غريب عوام جي خدمت ۽ کين روزگار فراهم ڪرڻ واري مشن کي جاري رکيو. هن چيو ته اڄوڪي جلسي ۾ هزارن جي انگ ۾ عورتون ۽ ڀينرون ۽ ڀائر موجود آهن جن کي مبارڪ ٿو ڏيان اهي جون جي وڏي ڏينهن ۾ هتي موجود آهن. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي تي ڳالهائڻ لاءِ اسان جي سڄي رات گذري ويندي جنهن جي بهادري جا قصا مڪمل نه ڪري سگهنداسين. هن چيو ته اسان سڀني تي شهيدن جو قرض آهي اسان جي زندگي پوري ٿي وڃي اسان جو اولاد به هنن جو قرض نه لاهي سگهندو. تنهن ڪري تير جي نشان جو حق ادا ڪرڻو آهي. جلسي کي نثار کهڙو، مير اعجاز جکراڻي، خورشيد احمد جوڻيجو، خير محمد شيخ، مهرين ڀٽو، جاويد ناياب لغاري، گل محمد جکراڻي، منصور شاهاڻي، سيد بچل شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button