سنڌ

رتوديرو ۾ ايڊز ۾ مبتلا ٻارن جي وارثن جو انڊومنٽ فنڊ ۽ دوائون نه ملڻ خلاف احتجاج

رتيديري ۾ ايڇ آئي وي ۾ مبتلا ٻارڙن جي وارثن انڊومينٽ فنڊ نه ملڻ ۽ دوائون غير معياري هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي موذي مرض ۾ ورتل ٻارڙن جي والدين تعلقي اسپتال رتوديرو ۾ قائم ايڇ آئي وي ٽريٽمينٽ سينٽر اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي امتياز علي جلباڻي، شهزادو شر، محمد يونس، غلام محمد جلباڻي، انعام علي شر، هادي بخش خروس، لياقت سومرو، عبدالستار کوکر، نورنگ خروس، منظور علي شر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جا معصوم ٻارڙا گذريل ٽن ورهين کان وٺي ايڇ آءِ وي جهڙي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا آهن پر انهن جي علاج لاءِ ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تان ڪي به معياري دوائون نه ٿيون ڏنيون وڃن. هنن چيو ته جيڪي دوائون ملن ٿيون اهي به اڻپوريون آهن جن جو ڪو معيار ناهي، اهڙين غير معياري دوائن جي استعمال سان مرض تي ڪو اثر نه ٿو پوي جيڪڏهن دانهون ڪريون ٿا ته اسان کي اهو چيو وڃي ٿو ته ٻاهران دوائون وڃي خريد ڪريو. هنن چيو ته ٻاهران ملندڙ دوائون مهانگيون هجڻ سبب اسان غريب ماڻهو خريد ڪري نٿا سگھون، ان کان علاوه انڊومنٽ فنڊ آهي جيڪو ٽن ورهين ۾ رڳو هڪڙو ڀيرو اسان کي ٻارڙن لاءِ ڏنو ويو آهي. هنن چيو ته انڊومنٽ فنڊ ۾ آيل ڪروڙين روپيا معصوم ٻارڙن کي ڏيڻ بدران هڙپ ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تي مقرر ڊاڪٽرياڻي مرض ۾ ورتل ڪنهن به ٻار جي والدين سان ملڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن به اچون ٿا ته اسان کي اهو چئي موٽايو ويندو آهي ته ڊاڪٽرياڻي ميٽنگ ۾ آهي، اسان ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا پر پوءِ به لاڳاپيل اختياريون اسان جون دانهون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. هنن صحت کاتي جي اختيارين کي اپيل ڪئي ته ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تي مقرر ڊاڪٽرياڻي کي هٽائي معياري دوائون ۽ انڊومنٽ فنڊ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button