سنڌ

سجاول جي يوسي گهوٽارو تي چونڊن ۾ ٻه ڀائر آمهون سامهون

سجاول جي يونين ڪائونسل گهوٽارو تي مڪاني چونڊن ۾ ٻه سڳا ڀائر هڪٻئي جي مقابلي ۾ آمهون سامهون اچي ويا. يوسي گهوٽارو ۾ عبدالجبار سومرو جي يو آئي جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي رهيو آهي، جڏهن ته سندس وڏو ڀا عبدالغني سومري نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ بعد پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ جو انتظار ڪري رهيو آهي ۽ هو پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي پنهنجي ننڍي ڀا جي يو آئي اميدوار عبدالجبار سومرو خلاف مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button