سنڌ

چورن ۽ ڦرلٽ ڪندڙن آڏو گوڏا نه کوڙينداسين:ڊاڪٽر صفدر عباسي

لاڙڪاڻي جي سچل ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 5 تان جي ڊي اي جي اميدوار اويس علي عباسي تڪ جي منور آباد ۾ جي ڊي اي ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد طرفان جلسو ڪوٺايو ويو. جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي ڪنوينر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومرو، ايم پي اي معظم علي عباسي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، اويس علي عباسي، ڪاظم علي عباسي، رافع عباسي ۽ ٻين چيو ته تاريخ گواهه آهي ته اسان عوام جي جنگ وڙهيا آهيون، اسين هارايون يا کٽون پر يزيدن سان جنگ سنڌ جي حقن جي حاصلات تائين جاري رهندي، هنن چورن ۽ ڦرلٽ ڪندڙن آڏو ڪڏهن به گوڏا نه کوڙينداسين، هاڻي اڇو جهنڊو ميدان ۾ آهي جيڪا سنڌ جي مزاحمت جي نشاني آهي. هنن چيو ته لاقانونيت پوري سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏي آهي، زرداري ٽولي 15 سالن کان عوام جو برو حشر ڪري ڇڏيو آهي، حقيقت ۾ هي جنگ لاڙڪاڻي جي آزادي جي جنگ آهي جنهن تي جعلي پيپلز پارٽي قابض آهي جيڪڏهن سنڌ آزاد ڪرائڻي ۽ انقلاب آڻڻو آهي ته پوءِ بلدياتي چونڊن ۾ ستاري تي ٺپو هڻي جي ڊي اي ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اميدوارن کي ڪامياب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button