سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو واسي برطرف پوليس اهلڪار جو احتجاج

رتوديرو جي موٽڻ پور پاڙي جي رهواسي برطرف پوليس اهلڪار فاروق عبدالله جويو لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مان رتوديرو ٿاڻي تي ڪمپيوٽر آپريٽر طور ڊيوٽي ڪندو هيس، ڏيڍ سال اڳ گهٽي جي معاملي تان پاڙي ۾ عبدالرحمٰن سيانچ ۽ عبدالغني سيانچ وارن سان و جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب منهنجو سئوٽ مزمل جويو قتل ٿي ويو، جڏهن ته مخالف ڌر جو ساجد علي سيانچ جهيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو، جنهن جي وارثن مون سميت منهنجي ڀاءُ سچل جويو، سئوٽ ضمير، چاچي امام بخش، مامي عبدالخالق جويو ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪرايو. مقتول ساجد علي سيانچ جي وارثن جي چوڻ تي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ايس ايس پي عمران قريشي مون کي نوڪري مان گذريل سال 5 جولاءِ تي برطرف ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هن وقت فاقاڪشي تي مجبور آهيان، نوڪري تي بحالي لاءِ مان لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي درخواستون ڏنيون پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ٿيو. هن آءِ جي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي نوڪري تي بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button