سنڌ

لاڙڪاڻي جيل ۾ آپريشن دوران ڪو جاني نقصان نه ٿيو:آئي جي جيلز

آءِ جي جيل سنڌ قاضي نظير احمد لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جو دورو ڪيو، جتي جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کيس 1100 جي لڳ ڀڳ قيدين کي ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻو سميت مختلف جيلن ڏانهن منتقل ڪرڻ، آپريشن دوران منشيات، موبائيل فونز، لوهي سريا، لوهي سيخون ۽ پابندي مڙهيل شيون هٿ اچڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي جيل سنڌ قاضي نظير احمد چيو ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ ڪاميابي سان آپريشن پنهنجي پڄاڻي تي پهتو آهي ۽ ڪيترن ئي قيدين کي ڊسٽرڪٽ توڙي ٻين جيلن ڏانهن خير خوبي سان منتقل ڪرڻ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ جي جيلن ۾ آپريشن دوران اڪثر قيدي مارجي ويندا آهن جيئن حيدرآباد جيل ۾ آپريشن دوران 8 قيدي مارجي ويا پر لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ آپريشن دوران ڪو به جاني نقصان نه ٿيو جيڪو ڪريڊٽ جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ ڏانهن وڃي ٿو جنهن لاءِ انعام جو اعلان ڪيان ٿو. هن چيو ته جيل اندر سڀ قيدي بدمعاش ناهن هوندا انهن مان چند قيدي ليڊر سڏرائي جيل جي ماحول کي خراب ڪندا آهن لاڙڪاڻو جيل جي ماحول کي خراب ڪندڙ قيدين خلاف ڪاروائي به ڪئي ويندي. هن چيو ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ جيمرز لڳائڻ جي حق ۾ ناهيان ان سان جيل اندر مسئلا وڌندا. هن چيو ته بدمعاش قيدين طرفان جيل اندر پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻايو ويندو آهي ان عمل کي روڪڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي ويندي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ به ڪجهه قيدين اهلڪارن کي يرغمال بڻايو پر انهن کي ڪو به نقصان نه پهتو هينئر لاڙڪاڻو سينٽرل جيل کي خالي ڪرايو ويو آهي ۽ جيل جي مرمت ڪرائڻ بعد گنجائش موجب قيدين کي هتي منتقل ڪري جيل جي ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button