سنڌ اسيمبلي ۾ اربع تي ٽئين ڏينهن به ايندڙ مالي سال جي صوبائي بجيٽ تي عام بحث جو سلسلو جاري رهيو، جنهن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرن ڀرپور حصو ورتو، سرڪاري ميمبرن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت مالي اهنجن جي باوجود ٽيڪس فري صوبائي بجيٽ ڏني آهي ۽ بجيٽ ۾ سنڌ جي ترقي ۽ عوام جي فلاح ۽ بهبود کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن بجيٽ کي ڪاپي پيسٽ ۽ انگ اکرن جو گورک ڌنڌو ڪوٺيندي چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن سبب عوام بنيادي انساني سهولتن کان به محروم آهي. نصرت سحر عباسي بجيٽ تقرير ۾ چيو ته مراد علي شاهه ۽ هن سال جي بجيٽ هڪ ئي شئي جو نالو آهي. وڏو وزير خبر ناهي ڇو منهن لڪائي ڪٿي ويٺو آهي. هن چيو ته سڀ اليڪشن ۾ لڳل آهن، ڪرونا وارن کي اڃا تائين پگهارون نه مليون آهن، سنڌ ۾ ترقياتي ڪم غير معياري آهن، 16 لک ٽن ڪڻڪ غائب ٿي چڪي آهي، 83 ڪروڙ جي ڪڻڪ خراب ڪئي وئي. اين آئي سي وي ڊي جو اسڪينڊل بي نقاب ٿي چڪو آهي. نديم قمر پگهارن ۽ ٻين مراعتن ۾ 32 ڪروڙ رپيا ڪڍي ورتا. هن چيو ته ٿر ۾ 104 ارب رپيا خرچ ٿيا پر اتي هڪ گلاس پاڻي صاف نه ملندو، هڪ ارب جي زڪوات گم ڪئي وئي. صوبي جو خزانو خالي ٿي ويو آهي. هتي مندرن جا پئسا به ڦٻايا ويا. نصرت سحر عباسي چيو ته مان ان ڳالهه تي احتجاج ڪرڻ چاهيان ٿي ته بلدياتي اليڪشن ۾ ماڻهن کي حراسان ڪيو پيو وڃي. جمال صديقي چيو ته هر سال بجيٽ بوڪ صرف ڪاپي پيسٽ ڪري ڇاپي وڃي ٿي. بجيٽ نمبرز جي هيرڦير کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. هن سوال ڪيو ته صحت کاتي جي بجيٽ ۾ هڪ ارب رپين جي ڳجهي بجيٽ ڇو رکي وئي آهي صحت واري وزير ٻڌائي. سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي ادارا ڳجهي بجيٽ رکن ٿا پر پهريون ڀيرو ٻڌو آهي ته صحت کاتي ۾ ڳجهي بجيٽ رکي آهي. پي ٽي آئي جي اسيمبلي ميمبر ارسلان تاج چيو ته ٽيڪس ڪليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت سنڌ حڪومت کان به گوءِ کڻي وئي هئي، اسان جي دور ۾ رڪارڊ ٽيڪس گڏ ٿيو هو. هن چيو ته 150 وارو پيٽرول 233 في ليٽر تائين پهتو. کاڄرو تيل 300 کان 600 ٿي چڪو آهي. هن چيو ته عوام تي چٿر ڪندڙن زندگي ۾ گهر جو سامان ناهي خريد ڪيو، عوام کين پٽون پاراتا ڏئي رهيو آهي. رابستان خان احتجاجن ڪاري پٽي ٻڌي بجيٽ بحث ۾ حصو ورتو، سندس چوڻ هو ته حڪومتي ميمبر هتي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪن ٿا پر انهن پنهنجي گهر لاڙڪاڻي کي به ڪرپشن ۾ نه بخشيو. سنڌ حڪومت ۾ 11 مختلف سسٽم هلي رهيا آهن، سنڌ حڪومت ۾ سڀ کان مضبوط سسٽم ناڻي کاتي ۾ آهي، هي باجاري سسٽم آهي، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيسن ۾ چاولا سسٽم هلي رهيو آهي، رابستان جي الزامن کان پوءِ اسپيڪر سندس مائڪ بند ڪري ڇڏي. ايم ڪيو ايم جي غلام جيلاني چيو ته منهنجي علائقي ۾ پاڻي جي مسئلي بحران جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. تحريڪ انصاف جي شبير قريشي چيو ته منهنجي خلاف هڪ عورت جي ايف آئي آر ڪٽي وئي، مان ان ڏينهن سڄو ڏينهن ڪم ڪندو رهيو آهيان 3 لڳي 12 منٽن تي ايف آئي آر داخل ٿئي ٿي، پوليس 4 وڳي منهنجي گهر موجود هئي. هن چيو ته 11 ڪلاڪ منهنجي اکين تي پٽي ٻڌي وئي، تحريڪ استحقاق منهنجو حق آهي ڪنهن ميمبر کي گرفتار ڪرڻ کان اڳ اجازت وٺڻ ضروري هو. پيپلز پارٽِي جي اعجاز شاهه چيو ته اڄ ملڪ جو جيڪو حال آهي، ان جي ذميوار اڳوڻي حڪومت آهي سنڌ ۾ وفاق ڪو ڪم ناهي ڪيو، جڏهن ته پيپلز پارٽِي هميشه غريب عوام جي واهر ڪئي، انهيءَ ڪري ماڻهو پ پ کي ووٽ ڏين ٿا. راجا اظهر پنهنجي تقرير ۾ چيو ته منهنجي تڪ ۾ پاڻي جي کوٽ نه صرف پاڻي جي تقسيم ۽ لائينن جو مسئلو آهي، تڪ ۾ اسڪولن جي هالت خراب آهي. هن چيو ته پوليس جي اپ گريڊيشن تي وڏي وزير جو ٿورائتو آهيان، اسان جي استادن کي هر ايندڙ ڏينهن شيلنگ ٿئي ٿي. هن چيو ته مهانگائي تي سنڌ ۾ پي ڊي ايم جون جماعتون ڪڏهن نڪرنديون، دعا ڀٽو سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي مذمت نه ڪئي وئي، آرٽس ڪائونسل ۾ سمورين زبانن جا ڊراما ٿي رهيا آهن پر سنڌي ڊرامو نه پيو ٿئي، جنهن کان سنڌ اسيمبلي جو اجلاس خميس 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. ان کان اڳ ايوان جي ڪارروائي جي شروعات ۾ پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي ۽ پاڪ فوج جي شهيدن لاءِ دعائون گهريون ويون. ايوان ۾ بينظير ڀٽو لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي وئي، ميمبرن پنهنجي سيٽن تي اٿي بيهي شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close