سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ بيواهه پيرسن عورت جو نافرمان پٽن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي الھ آباد پاڙي جي رهواسڻ پيرسن بيواهه عورت پنهنجي نياڻي سان گڏجي پٽن ۽ ننهرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي بيواهه عورت حوا خاتون ڪلهوڙو پنهنجي ڌيءُ تسليم خاتون سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته منهنجا 2 پٽ مشتاق ڪلهوڙو ۽ ممتاز ڪلهوڙو توڙي سندن زالون مونکي گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن، مون کي خرچ ۽ وقت تي ماني به ناهن ڏيندا، ڌيءُ تسليم خاتون خيرپور جي سوئيٽ هوم ۾ ڊيوٽي ڪندي آهي، جنهن جي پگهار مان اسان ٻئي ماءُ ڌيئر گهر جو گذر سفر ڪنديون آهيون، گهريلو معاملن تان پٽ ۽ ننهرون مونکي گهر جي ڪمري ۾ ڪيترائي ڪلاڪ اڪيلو قيد ڪري ڇڏين ٿا، مان اهڙي زندگي مان بيزار ٿي وئي آهيان. هن چيو ته مڙس جي فوت ٿيڻ بعد مان سلائي مشين هلائي ۽ مختلف پورهيا ڪري اولاد کي پالي وڏو ڪيو، پر پٽ نافرمان ٿي ويا آهن، جيڪي پنهنجي زالن جي چوڻ تي منهنجو ڪو خيال نٿا ڪن. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽن ۽ ننهرن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button