سنڌ

”پٽ جا قاتل گرفتار ڪريو“ باقراڻي واسي پيرسن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ اسحاق کونهارو جي رهواسي پيرسن هٿن ۾ پاڪ ڪتاب ۽ لالٽين کڻي 15 سال اڳ مبينا قتل ٿيل پٽ جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن فقير علي محمد ابڙو دانهيندي الزام لڳايو ته سال 2007ع ۾ منهنجي نوجوان پٽ اڪبر علي ابڙو کي خيرپور جي ڳوٺ ملان صالح جي رهواسي بااثر جوابدارن عبدالرزاق موجائي سندس سئوٽ الھڏنو موجائي ۽ ٻين سڱاوتي معاملي تان قتل ڪيو هو، جنهن جي قتل جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي پر 15 سال گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس ڳري رشوت وٺي پٽ جو خون لوڙهي ڇڏيو آهي، جڏهن ته انصاف لاءِ در در ڀٽڪڻ سان گڏ مسلسل احتجاج ڪري رهيو آهيان، پر هن وقت تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button