سنڌ

مڪاني چونڊون برادري جي اليڪشن آهي:آغا سراج دراني

وقتي گورنر سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني مدئجي ويجهو ڳوٺ فقيرپور پهچي سينيئر صحافي ايوب بروهي سان روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل سندس ڀاڻيجن عرفان بروهي ۽ شڪر خان بروهي جي وفات تي تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪا اليڪشن ناهي، هتي سنڌ پيپلزپارٽي جو گهر آهي، بلدياتي اليڪشن برادري جي اليڪشن آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي حق آهي ته هو اليڪشن ۾ حصو وٺن پر چونڊن ۾ ڪامياب پيپلزپارٽي جا ئي اميدوار ٿيندا. هن چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو زنده هجي ها ته ملڪ ۾ اهڙي صورتحال نه هجي ھا، شهيد بيبي جي سالگرھه جي موقعي تي بلاول جي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي ڏسي مخالفن کي خبر پئجي وئي ته سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آهي. ان موقعي تي ساڻس گڏ آغا جاويد دراني، بابو دراني، اسد خان بابڙ، اسلم دراني ۽ ٻيا گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button